- Advertisement -
فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس غزه امن معاهدي تي جاري رکندي وڌيڪ ٽن يرغمالين جا لاش اسرئيل حوالي ڪري ڇڏيا.
اسرائيلي فوج ريڊ ڪراس ذريعي يرغمالين جا لاش ملڻ جي تصديق ڪئي آهي.
اسرائيلي ميڊيا موجب، لاشن کي سڃاڻپ جي عمل لاءِ تل ابيب جي ابو ڪبير فرانزڪ انسٽيٽيوٽ منتقل ڪيو ويو.
حماس ان کان اڳ 17 يرغمالين جا لاش اسرائيل حوالي ڪري چڪي آهي ۽ هن وقت تائين مجموعي طور تي 20 لاش اسرائيلي عملدارن حوالي ڪيا ويا آهن.
ٻئي پاسي اسرائيلي عملدارن جو چوڻ آهي ته حماس وٽ اڃان تائين 8 يرغمالين جا لاش موجود آهن.
- Advertisement -
