- Advertisement -
فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۽ نو مئي احتجاج جي عام شهرين ۾ ڪهڙو فرق آهي؟.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس رٽائرڊ جواد ايس خواجا جي وڪيل خواجا احمد حسين پنهنجا دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران وڪيل خواجا احمد حسين چيو ته عام شهري ملٽري ٽرائل ۾ ناهن ايندا، هو مڪمل آرمي ايڪٽ کي بلڪل چئلينج نه ڪري رهيو آهي، جسٽس منيب به پنهنجي فيصلي ۾ هن دليل جو حوالو ڏنو آهي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ايف بي علي ڪيس ۾ تڪرار ٿيو هو ته ائين به ٿي سگهي ٿو، هونئن به ٿي سگهي ٿو، اڄڪلهه اهڙي به سوچ آهي ته ڪا سياسي پارٽي اهڙي حرڪت ڪري ته ڇا ٿيڻ گهرجي، گذريل ڏينهن مهراڻ بيس ۽ ٻين ڪجهه واقعن جو ذڪر ڪيو هو.
جسٽس مسرت هلالي چيو ته گذريل ڏينهن کين قائل ڪيو ويو ته فوجي ٽرائل فيئر ٽرائل هوندو آهي، آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۽ نو مئي احتجاج جي عام شهرين ۾ ڪهڙو فرق آهي؟.
وڪيل خواجا احمد حسين چيو ته آرمي اي پي ايس وارا ماڻهو دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث هئا، سندن ٽرائل لاءِ ترميم ڪرڻي پئي هئي جنهن بعد جوابدارن جو ٽرائل ٿيو هو.
جسٽس مسرت هلالي چيو ته اي پي ايس ۾ سمورا سويلين ٻار ماريا ويا.
وڪيل خواجا احمد حسين چيو ته سندن ڪيس آئين کان ٻاهر ناهي، 9 مئي وارن جو ٽرائل ٿئي پر ملٽري ڪورٽن ۾ نه ٿيڻ گهرجي.
جسٽس امين الدين رمارڪس ڏنا ته هن ۾ ڪا ٻي راءِ ناهي آئين جي ابتڙ قانون سازي کي عدالت ڏسي سگهي ٿي.
وڪيل خواجا احمد حسين چيو ته پاڪ فوج جي سول ملازمن تي آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو آهي، جنهن تي جسٽس حسن اظهر سوال ڪيو ته ڇا ايئر بيسز تي حملو ڪندڙن تي آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو آهي؟.
وڪيل خواجا احمد حسين 9مئي تي پاڪ فوج جي پڌرائي جو ظڪر ڪندي چيو ته آءِ ايس پي آر 9 مئي واقعي تي 15 مئي تي پڌرائي جاري ڪئي، کين پڌرائي تي ڪوبه اعتراض ناهي.
وڪيل خواجا احمد حسين چيو ته 9مئي تي اداري ۾ ڏک ۽ صدمو آهي، چيو ويو 9 مئي جا ترديد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت موجود آهن، پڌرائي کانپوءِ ملٽري ٽرائل ۾ فيئر ٽرائل ڪيئن ملي سگهي ٿو؟.
عدالت فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي………..- Advertisement -
