سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي دوران بئنچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته کين پنهنجو قانون ڏسڻو آهي، برطانيا جو نه، جسٽس مسرت هلالي جو چوڻ آهي ته 9 مئي تي ته حد ڪئي وئي، هاڻي توهان کي بنيادي حق ياد آيا آهن.
سپريم ڪورٽ ۾ ملٽري ڪورس جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ست رڪني بئنچ ڪئي.
سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته بئنچ طرفان ڀارت ۾ ڪورٽ مارشل خلاف اپيل جو حق ڏيڻ جو سوال ٿيو هو، برطانيا ۾ ڪورٽ مارشل فوجي آفيسر نه پر هائيڪورٽ جي طرق تي مقرر ٿيندڙ جج ڪندا آهن، ڪمانڊنگ آفيسر رڳو سنجيده نوعيت جو ڪيس هئڻ تي ڪيس آزاد فورم کي منتقل ڪندو آهي.
جسٽس امين الدين خان چيو ته کين پنهنجو قانون ڏسڻو آهي برطانيا جو نه، غير ضروري بحث ڪري وقت ضايع نه ڪيو وڃي.
جسٽس مسرت هلالي چيو ته ٻڌڻي هيٺ اپيلن ۾ ڪالعدم شقن جي بحالي جي درخواست ڪئي وئي آهي، قانون جي شقن جو جائزو وٺڻو آهي ته عالمي قانون جو جائزو به وٺڻو پوندو، سلمان اڪرم راجا صاحب جيڪڏهن شقون ڪالعدم نه هجن ها ته توهان جا دليل غير لاڳاپيل ٿي سگهن پيا، هاڻي نه آهن.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪيس ۾ اصل سوال آهي ته موجوده نظام تحت سويلين جو ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو يا نه، سلمان اڪرم راجا چيو ته سويلين جو ڪورٽ مارشل ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ناهي.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته برطانوي قانون ته اتان جي فوج جي ڊسپلين بابت آهي، موجوده ڪيس ۾ ته ڏوهه عام شهرين ڪيو، اهو هن ڪيس تي لاڳو ڪيئن ٿي سگهي ٿو.
سلمان اڪرم راجا چيو ته برطانوي قانون جو مثال ٽرائل جي آزاد ۽ شفاف هئڻ جي پس منظر ۾ ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن ايف بي علي ڪيس وقت جيڪڏهن آرٽيڪل 175 جي شق ٽي هجي ها ته ٽرائل فوجي ڪورٽ ۾ نه وڃي ها.
جسٽس امين الدين خان چيو ته مرڪزي فيصلي ۾ ته آرٽيڪل 175 جي شق ٽي تحت ايف بي علي ڪيس کي ڪالعدم ئي قرار نه ڏنو ويو آهي، اڄ تائين ڪنهن عدالتي فيصلي ۾ ايف بي علي ڪيس کي ڪالعدم قرار نه ڏنو ويو آهي.
جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇويهين آئيني ترميم ۾ چيو ويو ته آرٽيڪل 184 جي شق ٽي تحت ڪيس آئيني بئنچ ۾ ويندا، ترميم ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آئيني ۽ قانوني تشريح وارا ٻڌڻي هيٺ ڪيس پاڻمرادو ئي آئيني بئنچ ۾ هليا ويندا، هڪ بئنچ فيصلو ڪيو ته ڪيس پاڻمرادو نه ٿا وڃي سگهن، هنن چيو ناهي ته ڇويهين آئيني ترميم کانپوءِ ڪيس پاڻمرادو ئي آئيني بئنچ ۾ هليا ويندا، جيڪو دليل توهان ڏئي رهيا آهيو ته آرٽيڪل 175 جي شق ٽي تحت ايف بي علي ڪيس کي ختم ڇو نه ڪيو ويو؟
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جڏهن مرڪزي ڪيس ۾ ايف بي علي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ئي نه ڪئي وئي ته هو اپيل ۾ ايئن ڪيئن ٿا ڪري سگهن؟ جسٽس امين الدين خان چيو ته ايف بي علي ڪيس کي چئلينج ڇو نه ڪيو ويو؟
سلمان اڪرم راجا چيو ته عدالت جا هٿ ٻڌل نه آهن، اپيل جي عدالت آهي، ايف بي علي ڪيس کي ڏسي سگهي ٿي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هو اپيل ۾ پنهنجي ٻڌڻي جي اختيار کي ڪيتري حد تائين وڌائي سگهن، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته هو سببن سان اتفاق نه ڪندي الڳ سان سبب به ڏئي سگهن ٿا.
جسٽس مسرت هلالي چيو ته توهان اعتراف ڪيو ٿا ته 9 مئي تي ڏوهه ٿيو آهي، سلمان اڪرم راجا چيو ته جي، هو ان معاملي تي عدالت کي ٻڌائي ٿو، جسٽس مسرت هلالي چيو ته 9 مئي تي حد ڪئي وئي، هاڻي توهان کي بنيادي حق ياد آيا آهن.
سلمان اڪرم راجا چيو ته آرٽيڪل ٿري جي شق 184 کي محدود نه ٿو ڪري سگهجي، جوابدارن کي آزاد عدالت ۽ فيئر ٽرائل جو حق آهي، جسٽس امين الدين رمارڪس ڏيندي چيو ته فيئر ٽرائل لاءِ توهان کي آرٽيڪل اٺ مان ٻاهر نڪرڻو پوندو.
سلمان اڪرم راجا چيو ته هن کان ڪالهه به هڪ سوال ڪيو ويو هو جنهن جو جواب هن نه ڏنو آهي، آرمي بابت قانونسازي 2015ع ۽ 2017ع ۾ ڪئي وئي، اي پي ايس وارا اڄ تائين انصاف لاءِ دربدر آهن.
جسٽس نعيم افغان رمارڪس ڏيندي چيو ته سندس اشارو آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي قانون طرف هو، جسٽس مسرت هلالي چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي ڪجهه جوابدارن کي ڦاهي ٿي چڪي آهي.
جسٽس حسن رضوي چيو ته فوج ۾ هڪ انجنيئرنگ ڪور هوندي آهي، فوج ۾ هڪ ميڊيڪل ڪور به هوندي آهي، ٻنهي ۾ ماهر انجنيئر ۽ ڊاڪٽر هوندا آهن، ڇا هاڻي فوج ۾ جوڊيشل ڪور به قائم ڪئي وڃي.