- Advertisement -
فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل 9 مئي سانحي ۾ ملوث تحريڪ انصاف باني جي ڀاڻيجي حسان نيازي سميت 60 جوابدارن کي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جناح هائوس حملي ۾ ملوث پي ٽي آءِ باني جي ڀاڻيجي حسان خان نيازي کي 10 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته ميان عباد فاروق کي 2 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، جناح هائوس حملي ۾ ملوث رئيس احمد، ارزم جنيد ۽ علي رضا کي ڇهه ڇهه سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جي ايڇ ڪيو حملي ۾ ملوث راجا دانش کي 4 ۽ سيد حسن شاهه کي 9 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته اي آءِ ايم ايڇ راولپنڊي حملي ۾ ملوث علي حسين کي ست سال ۽ پنجاب رجمينٽ سينٽر مردان حملي ۾ ملوث زاهد خان کي 2 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ملتان ڪينٽ چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ ملوث خرم لياقت کي 4 سال ۽ چڪدرا قلعي حملي ۾ ملوث ذاڪر حسين کي 7 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بنون ڪينٽ حملي ۾ ملوث امين شاهه کي 9 سال، پي اي ايف بيس ميانوالي حملي ۾ ملوث فهيم ساجد کي 9 سال ۽ فيصل آباد ۾ آءِ ايس آءِ جي آفيس تي حملي ۾ ملوث حمزه شريف کي 8 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، جناح هائوس حملي ۾ ملوث محمد ارسلان کي 7 سال، محمد عمير کي 6 سال، ۽ نعمان شاهه کي 4 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بنون ڪينٽ حملي ڪيس ۾ اڪرام الله کي 9 سال ۽ ملتان ڪينٽ چيڪ پوسٽ حملي ۾ ملوث پيرزاده ميان محمد اسحاق کي 3 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، جي ايڇ ڪيو حملي ۾ ملوث محمد عبدالله کي 4 سال ۽ فيصل آباد ۾ آءِ ايس آءِ آفيس حملي ۾ ملوث امجد علي کي 2 سال سخت پورهئي شان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته جناح هائوس حملي ۾ ملوث محمد رحيم کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هيڊ ڪوارٽر دير اسڪائوٽس تمرگره حملي ۾ ملوث سهراب خان کي 4 سال، جناح هائوس حملي ۾ ملوث رٽائرڊ برگيڊيئر چوڌري جاويد اڪرم کي 6 سال ۽ راهوالي گيٽ گوجرانوالا حملي ۾ ملوث جوابدار محمد احمد کي 6 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ 9 مئي سانحي ۾ ملوث وڌيڪ 60 جوابدارن کي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل سزائون ٻڌايون، فيلڊ ڪورٽ مارشل سمورن ثبوتن جي ڇنڊڇاڻ ۽ ڏوهارين کي قانوني حق جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ قانوني گهرجن موجب ڪارروائي ڪندي سزائون ڏنيون……..- Advertisement -
