تازه ترين

فوج کي سياست ۾ گهلڻ نه گهرجي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

- Advertisement -
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته افغانستان سان مسئلن جو حل رڳو عوام جي نمائندگي ڪندڙ حڪومت ئي آهي، پاڪستان جي سڪيورٽي جي ضامن هٿياربند فوج آهي، اها ضمانت ڪابل کي ناهي ڏيڻي، فوج کي سياست ۾ گهلڻ نه گهرجي، گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي فيصلي جا اختيار وفاقي سرڪار وٽ آهن، غزا ۾ امن فوج موڪلڻ بابت فيصلو حڪومت ۽ پارليامينٽ ڪندي، دهشتگردن سان ڪڏهن به ڳالهيون نه ٿيندون، ڪو کين اخلاقيات نه سيکاري، هو ڪنهن کي منٿون نه ڪندا، پاڪ فوج پنهنجن ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي. راولپنڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪ افغان چڪرين ۾ 206 افغان طالبان فوجي ۽ 112 خارجي ماريا ويا. هن چيو ته دهشتگردن سان ڪڏهن به ڳالهيون نه ٿيندون، طالبان سڪيورٽي اهلڪارن جي سِسِين سان فٽبال راند کيڏن ٿا، انهن سان ڳالهيون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون؟ افغان طالبان کي پاڪستان جو رد عمل فوري ۽ اثرائتو هو، پاڪستان جي رسپانس سان اهي ئي نتيجا نڪتا جيڪي هو چاهن پيا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته افغانستان جون شرطون نه پر دهشتگردي جو خاتمو اهم آهي. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته افغانستان ۾ منشيات سمگلرن جي افغان سياست ۾ مداخلت آهي ۽ اتان وڏي پئماني تي منشيات پاڪستان سمگل ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته فوج کي سياست ۾ گهلڻ نه گهرجي، پاڪستان پنهنجي سرحدن ۽ عوام جي حفاظت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪ فوج اندر ڪو نئون عهدو تيار ڪرڻ فوج نه پر حڪومت جو اختيار آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته خارجين خلاف آپريشن ۾ 1667 دهشتگرد مارجي چڪا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جي سڪيورٽي جي ضامن هٿياربند فوج آهي، اها ضمانت ڪابل کي ناهي ڏيڻي، افغانستان ۾ ڊرون حملن بابت آمريڪا سان ڪو به معاهدو ناهي ٿيو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان طالبان جي آمد تي ڪڏهن به جشن ناهي ملهايو، طالبان گروپن سان جهيڙو آهي، ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين تنظيم خلاف ڪارروايون جاري آهن. ڊي جي آءِ ايس چيو ته طالبان حڪومت دهشتگردن کي سهولت فراهم ڪري ٿي، استنبول ۾ طالبان کي واضح ٻڌايو ته دهشتگردي اوهان کي ڪنٽرو ڪرڻ آهي، اُها ڪيئن ڪرڻي آهي اِهو طالبان حڪومت جو ڪم آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته کين ڪو اخلاقيات نه سيکاري، هو ڪنهن کي منٿون نه ٿا ڪن، پاڪ فوج پنهنجن ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته غزا ۾ امن فوج موڪلڻ بابت فيصلو حڪومت ۽ پارليامينٽ ڪندي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون