- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز طرفان خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ ٻن آپريشنز ۾ ڀارتي حمايتي 15 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
مارجي ويل دهشتگردن ۾ ڀارتي پٺڀرائي يافتا دهشتگرد اڳواڻ عالم محسود به شامل آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڪولاچي ۾ خارجي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران 10 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ ٻي ڪارروائي دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن پڻ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب ٻئي آپريشن 15 ۽ 16 نومبر جي وچ واري رات ڪيا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته عزم استحڪام تحت دهشتگردي ٽوڙ ڪارروايون جاري آهن.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.- Advertisement -
