تازه ترين

فيصلي سان واضح ٿي ويو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين ڪرپشن ۾ ملوث آهي، عطا تارڙ

وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو آهي ته فيصلي سان واضح ٿي ويو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين ڪرپشن ۾ ملوث آهي، سياسي اڳواڻ طرفان اثاثا ظاهر نه ڪرڻ ڪرپشن آهي، فيصلي سان ثابت ٿي ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين صادق ۽ امين ناهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين پنهنجي دور ۾ مخالفن کي بدترين انتقام جو نشانو بڻايو، اڳوڻي وزيراعظم نه رڳو چوري پر سينا زوري ڪئي.

سندس چوڻ هو ته سياسي اڳواڻ طرفان اثاثا ظاهر نه ڪرڻ ڪرپشن آهي، ملڪي تاريخ ۾ اهڙو ڪوبه جوابدار ناهي جنهن کي بار بار حاضري کان ڇوٽ ڏني وئي هجي.

وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو ته فيصلي ۾ واضح لکيل آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين ڪرپشن ۾ ملوث آهي، فيصلي سان ثابت ٿي ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين صادق ۽ امين ناهي.

عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين پنهنجا کيسا ڀريا، ٻين کي چور چوندڙ اڳوڻو وزيراعظم اڄ پاڻ سرٽيفائيڊ چور ثابت ٿي ويو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
12 %
0.6kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون