- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته فيض آباد ڌرڻي بابت فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي غير قانوني ۽ اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي، هو ڄاڻڻ چاهن ٿا ته فيض آباد ڌرڻي جو ماسٽر مائيڊ ڪير هو، پرڏيهه کان هڪ شخص کي امپورٽ ڪري ملڪ کي يرغمال بڻايو ويو ۽ اهو آرام سان واپس هليو ويو، ڇا ماڻهو ڪينيڊا کان هتي اچي ڌرڻو هڻندا کانئن ڪير به نه پڇندو؟ ڪنهن کي به ملڪ جي پرواهه ناهي ڇا هڪ شخص کي امپورٽ ڪرڻ جو مقصد تڏهوڪي حڪومت کي برطرف ڪرڻ هو؟
سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ ڪئي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ابصار عالم پنهنجي بيان ۾ بچاءَ واري وزارت جي ملازم تي سنگين الزام هنيا آهن.
هن چيو ته اٽارني جنرل صاحب ڇا اوهان انهن الزامن بعد به نظرثاني درخواست واپس وٺڻ چاهيو ٿا؟
اٽارني جنرل چيو ته ابصار عالم جا الزام ڏٺا آهن، هنن فيڪٽ اينڊ فائنڊنگ ڪميٽي آهي.
چيف جسٽس چيو ته ابصار عالم فيض آباد ڌرڻي وقت ڇا هو؟ جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ابصار عالم پيمرا چيئرمين هو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته وفاقي حڪومت فيڪٽ اينڊ فائنڊنگ ڪميٽي ڪڏهن ٺاهي، اٽارني جنرل ٻڌايو ته 19 آڪٽوبر تي حڪومت ڪمٽي جوڙي جيڪا سمورن پاسن جو جائزو وٺي رپورٽ ڏيندي.
سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو ڪيس تي عمل لاءِ قائم فيڪٽ اينڊ فائنڊنگ ڪميٽيءَ تي سوال اٿاريا.
جسٽس اطهر من الله چيو ته فيڪٽ اينڊ فائنڊنگ ڪميٽي ڪهڙي قانون تحت ٺهي؟ ان جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي.
چيف جسٽس، اٽارني جنرل کي چيو ته اوهان سميت سڀ چئي رهيا آهن ته فيض آباد ڌرڻو ڪيس جو فيصلو ٺيڪ آهي.
هن چيو ته فيض آباد ڌرڻي بابت فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي غير قانوني ۽ اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي، هو ڄاڻڻ چاهن ٿا ته فيض آباد ڌرڻي جو ماسٽر مائيڊ ڪير هو.
چيف جسٽس چيو ته پرڏيهه کان هڪ شخص کي امپورٽ ڪري ملڪ کي يرغمال بڻايو ويو ۽ اهو آرام سان واپس هليو ويو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته حڪومت جاچ ڪرڻ قابليت نه ٿي رکي، ٻارن کان پڇڻ تي به اهي بهتر جواب ڏيندا.
جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا هاڻي رياستي معاملا آئين موجب هلايا پيا وڃن؟ چيف جسٽس چيو ته ڪميٽيءَ جي ٽي او آرز مان ته لڳي ٿو ته سڀني کي بري ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ڌرڻو ڪيس ۾ عدالت سموري هسٽري آهي، پڇيو هو ته ڌرڻي جو ذميوار ڪير آهي؟
چيف جسٽس چيو ته حڪومت ڪميٽيءَ جو هڪ به ٽي او آر درست ناهي ٺاهيو، حڪومت چاهي ٿي ته سڀني کي ذميوار قرار ڏنو وڃي ته جيئن ڪنهن خلاف ڪارروائي نه ٿئي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عدالت ڪميٽي رپورٽ جو جائزو نه وٺندي، عدالت اوهان جو ڪم ڇو ڪري؟ فيض آباد ڌرڻو ڪيس جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ حڪومت جو ڪم آهي.
چيف جسٽس چيو ته عدالت ان فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽيءَ مان خوش ناهي، ڪميٽي غير قانوني آهي.
اٽارني جنرل چيو ته حڪومت طرفان رڳو جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي پنهنجي رپورٽ سان سفارشون ڏيندي.
چيف جسٽس چيو ته فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي رڳو ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو آهي، حڪومت جهڙي ريت معاملا هلائي رهي آهي، ائين نه ٿيندو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هو ڄاڻڻ چاهن ٿا ته فيض آباد ڌرڻي جو ماسٽر مائينڊ ڪير هو؟ يا حڪومت صاف چئي ته ڪم نه ڪندي.
اٽارني جنرل چيو ته پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ تحت ڪميشن ٺاهي ويندي، عدالت جيئن چوندي ائين ڪيو ويندو.
چيف جسٽس چيو ته ڇا حڪومت فيض آباد ڌرڻو ڪيس تي عمل ڪرائڻ چاهي ٿي؟ ڪير ٿو چوي ته نظرثاني داخل ٿي وڃي ته فيصلي تي عمل ناهي ٿيندو؟
هن چيو ته ڇا حڪومت ڪينيڊين حڪومت سان رابطو ڪيو هو؟ ڇا ماڻهو ڪينيڊا کان هتي اچي ڌرڻو هڻندا کانئن ڪير به نه پڇندو؟ ڪنهن کي به ملڪ جي پرواهه ناهي.
چيف جسٽس چيو ته ستر ورهين کان ملڪ تي اميرن جو قبضو آهي، ڇا هڪ شخص کي امپورٽ ڪرڻ جو مقصد تڏهوڪي حڪومت کي برطرف ڪرڻ هو؟
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا ٻيهر هڪ شخص کي امپورٽ ڪري مستقبل ۾ به اهڙيون خدمتون ورتيون وينديون؟ ڇا ڪينيڊا مان آيل شخص پنهنجي ٽڪيٽ پاڻ ڀري هئي؟
چيف جسٽس چيو ته ممڪن آهي ته ڪميٽيءَ جي جاچ مان اها خبر به پئجي وڃي ته پيمرا ۽ اليڪشن ڪميشن ان وقت آزاد نه هئا- Advertisement -
