نگران حڪومت پنهنجو ڪم ڪري مسئلا پيدا نه ڪري، ٻين صوبن ۾ اسڪيمون هلن پيون: سيد مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجو ڪم ڪري مسئلا پيدا نه ڪري، ٻين صوبن ۾ اسڪيمون هلن پيون، رڳو سنڌ ۾ بند ڪيون ويون آهن، صاف شفاف اليڪشن لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي پر ماڻهن جي سزا نه ڏني وڃي، ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي، ان ڪري معاملا ايترا خراب نه ڪيا وڃن ڇو سڀاڻي کين مسئلا ٿين. ڪراچي ۾ اڳوڻي سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪجهه اسڪيمن جي اجازت ڏئي رهي آهي، پسند نا پسند نه ڪئي وڃي. هن چيو ته ترقياتي اسيڪمن تي پابندي نه هجڻ گهرجي، هاڻي سوال اٿي رهيا آهن ته نگران حڪومت هجڻ گهرجي يا نه. سيد مراد علي شاهه چيو ته نگران حڪومت پنهنجو ڪم ڪري مسئلا پيدا نه ڪري، ٻين صوبن ۾ اسڪيمون هلن پيون. اڳوڻي وڏي وزير چيو ته ڪنهن  سان شڪايت ناهي، کين حڪومت هلائڻ جو تجربو آهي، صاف شفاف اليڪشن لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي پر ماڻهن جي سزا نه ڏني وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي، ان ڪري معاملا ايترا خراب نه ڪيا وڃن ڇو سڀاڻي کين مسئلا ٿين. اڳوڻي وڏي وزير چيو ته پ پ چيئرمين جي ڪوششن سان جنيوا ڪانفرنس ٿي، سنڌ واحد صوبو هو جنهن ڪانفرنس لاءِ تياري ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته فلسطينين جي تڪليف بيان ڪرڻ تمام گهڻي ڏکي آهي، ڪشمير مسئلو اڃا تائين گڏيل قومن جي ايجنڊا تي حل طلب آهي، ٻنهي ملڪن ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
24.7 ° C
24.7 °
24.7 °
50%
1m/s
13%
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون