فيض گنج جي علائقي ڪوٽ لالو ۾ مبينا طور آپگهات ڪندڙ ناري وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو، فهميده راڄپر کي سندس ڀاءُ پاران قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته ناري جي ڀاءُ شهباز خلاف سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
گذريل رات ڪوٽ لالو چودڳي واري علائقي ۾ فهميده ڌيءَ ممتاز راڄپر جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ آيو هو.
ناري جي والدين طرفان واقعي کي آپگهات قرار ڏنو هو.
ڪوٽ لالو پوليس پاران ناري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو.
ڪوٽ لالو پوليس سرڪاري فرياد تي ناري جي ڀاءُ شهباز خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ناري جو سڱ سندس سئوٽ کي ڏنل هو جنهن سان شادي ڪرڻ کان ناري انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ پسند جي شادي لاءِ چيو هو.
ڪيس جي متن موجب ناري جي انڪار تي سندس ڀاءُ شهباز راڄپر کيس نرڙ ۾ گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب ناري جي والدين فريادي ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد پوليس فريادي ٿي قتل ڪيس داخل ڪرايو آهي.