فيض گنج ويجهو اڪري چودڳي وٽ هٿياربند ڦر مزاحمت تي نوجوان کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد کائنس موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري ڦرار ٿي ويا.
ظفر آباد لنڪ روڊ تي ڏوهاري گوليون هڻي نوجوان تنوير بڙدي کي مرڻينگ ڪري موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي نوجوان کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.
وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان، مهمان کي اڪري چودڳي ۾ ڇڏي واپس ڳوٺ اچي رهيو هو ته جوابدارن کيس ڦر مزاحمت تي زخمي ڪيو.