تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

فيلڊ مارشل جي 16هين نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات

- Advertisement -
آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان ڀارت جا ناڪام پراڪسيز آهن ۽ حق جي جنگ هارائيندڙ ڀارت پراڪسيز وار کي تيز ڪري رهيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل گذريل ڏهاڙي 16هين نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پارليامينٽ ميمبرن، سول سوسائٽي جي نمائندن، بيوروڪريٽس، تعليمي ماهرن، صحافين ۽ نوجوانن کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل طور ختم ڪرڻ ۽ بلوچستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، جيڪا قومي اتحاد ۽ ٻڌي لاءِ ضروري آهي. فيلڊ مارشل ڀارت جي دهشتگرد گروپن جي کليل سرپرستي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ڀارت بلوچستان جي ماڻهن جي حب الوطني کي نشانو بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن واضح ڪيو ته حق جي جنگ ۾ شڪست کاڌل ڀارت هاڻي پنهنجين ناپاڪ سازشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پراڪسي وار کي تيز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جهڙا عنصر هندستان جي هائبرڊ جنگ جا مُهرا بڻجي ويا آهن، جيڪي الله جي رضا سان سمورا پراڪسي گروپ ذلت جو شڪار ٿيندا. فيلڊ مارشل ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگرد ڪو به مذهب، فرقو يا قوميت نٿا ڏسن، انڪري انهن جي خلاف هڪ متفقه ۽ قومي ردعمل جي سخت ضرورت آهي، هنن گڏيل قومي عزم جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن ان خطري جو اثرائتي انداز سان مقابلو ڪيو وڃي. هنن بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۾ اهم ڪردار تي روشني وجهڻ ۽ ادارتي هم آهنگي ۽ قومي سطح تي اتفاق راءِ سان هلندڙ ترقياتي قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن بلوچستان جي ترقي ذريعي پاڪستان جي مجموعي اڳڀرائي کي ممڪن بڻائي سگهجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
11 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
16.4 ° C
16.4 °
16.4 °
20 %
1.4kmh
87 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون