فيلڊ مارشل ڇا هوندو آهي …..؟؟؟
1….فيلڊ مارشل هڪ اعليٰ ترين فوجي عهدو هوندو آهي جيڪو عام طور ڪنهن ملڪ جي بري فوج ۾ ڏنو ويندو آهي .
2…. فيلڊ مارشل جو عهدو جنرل کان مٿي هوندو آهي ۽ اڪثر اعزازي طور ڏنو ويندو آهي، خاص طور ان آفيسر کي جن جنگين ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏنيون هجن يا ملڪي دفاع ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هجي .
3…..آرمي چيف جنرل عاصم منير کان اڳ ملڪ ۾ رڳو هڪ شخصيت کي فيلڊ مارشل جو عهدو ڏنو ويو هو ۽ اهو صدر جنرل محمد ايوب خان هو، کيس 1959ع ۾ فيلڊ مارشل جو عهدو ڏنو ويو هو .
4…..فيلڊ مارشل جو اعزاز هٿياربند فوج ۾ غير معمولي ۽ مثالي قيادت طور ڏنو ويندو آهي، عهدي سان گڏ ڪنهن ڪا خاص ڪمان جي ذميواري نه هوندي آهي پر اهو هڪ عزاز جي علامت هوندو آهي .
5….فيلڊ مارشل آرمي ۾ جنرل جي رينڪ کان مٿي ۽ سڀ کان وڏو عهدو آهي، فيلڊ مارشل آرمي آفيسرن ۾ سڀ کان وڌيڪ سينيئر فائيو اسٽار آفيسر هوندو آهي .