پاڪستان جي 76هين جشن آزادي جي ڏهاڙي تي ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي مزارن تي به گارڊن جي تبديلي واريون تقريبون ٿيون.
قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي پاڪستان نيول اڪيڊمي جي ڪيڊٽس اعزازي گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا.
گارڊز جي تبديلي واري تقريب ۾ ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيڊمي ڪموڊور محمد خالد خاص مهمان هو.
ڪمانڊنٽ ڪموڊور محمد خالد مزار قائد تي گل رکي فاتحه خواني ڪئي.
لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار ٿي پاڪ فوج جي دستي رينجرز کان گارڊز جون ذميواريون ورتيون جڏهن ته ٻنهي دستن مصور پاڪستان کي سلامي پيش ڪئي.
ميجر جنرل قيصر سليمان، گيريزن ڪمانڊر لاهور مزار اقبال تي گل رکي فاتحه خواني ڪئي.