تازه ترين

قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ لاهور هائيڪورٽ واقعي کي تڪليف ڏيندڙ قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ لاهور هائيڪورٽ واقعي کي تڪليف ڏيندڙ قرار ڏئي ڇڏيو. لاهور ۾ پنجاب بار ڪائونسل ۾ چيڪ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته  پنجاب حڪومت بار ڪائونسل لاءِ هڪ ارب رپين جا فنڊ رکيا آهن، تاريخ ۾ اڄ تائين پنجاب حڪومت وڪيل ايڏي وڏي پئڪيج جو اعلان نه ڪيو آهي. هن چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي، عدليه ۽ حڪومت سميت سڀني لاءِ هئڻ گهرجي، عدليه پنهنجي حدن مان ٻاهر ويندي ته وڪيل چيڪ ڪندا آهن. سندس چوڻ هو ته  هٿين خالي وڪيلن بابت حڪم جاري ڪري تمام گهڻي زيادتي ڪئي وئي،  لاهور هائيڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو ته  دروازا بند ڪيو ڪو وڪيل اندر داخل نه ٿيندو. اعظم نذير تارڙ چيو ته  3 نومبر کانپوءِ وڪيلن لاءِ لاهور هائيڪورٽ جو در بند نه ٿيو آهي. هن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب فوري نوٽيس وٺندي چيو ته وڪيل دهشتگرد نه آهن پر قانون جا رکوالا آهن، پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ دهشتگردي ناهي. سندس چوڻ هو ته بار ايسوسيئيشن کي پنهنجو احتساب پاڻ ڪرڻو پوندو،  وڪيلن کي ڪنهن ڀڃ ڊاهه يا تالابندي جو حصو نه ٿيڻ گهرجي، انصاف جي فراهمي ۾ به رنڊڪ نه وڌي وڃي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
47 %
2.1kmh
85 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون