قبي سعيد خان ۾ پي ٽي آءِ تعلقي صدر ۽ واپاري جو سندس گهر مان لاش هٿ آيو جڏهن ته وارثن پاران صدر الدين بروهي کي قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف تعلقي صدر واپاري صدرالدين بروھي جو سندس گهر مان لاش مليو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ وارثن واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
واپاري صدر الدين بروهي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته صدر الدين بروھي پنھنجي گهر ۾ اڪيلو رھندو هو، جڏھن ته صبح نيرن اماڻي وئي ته سندس لاش مليو.
واپاري جي ڀاءُ عارب بروھي ٻڌايو ته اڻڄاتل ماڻھن ڀاءُ کي سروٽا ھڻي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي.
ھن چيو ته ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي، ظالمن ڀاءُ کي قتل ڪري قهر ڪيو آھي، صدر الدين جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھن.