تازه ترين
تنگواڻيءَ ۾ جسقم ۽ جساف پاران ٺل واسي معظم نوناري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ  جي اجلاس دوران فاطمه ڦرڙو جي ڊي اين اي سيمپلن ۾ ٽيمپرنگ ٿ... سنڌ جي مختلف شھرن ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل پيسن مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ڏهين درجي جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليم وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ ر... سکر ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ڪوچ جي ڪلينر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ط... سنڌ هائيڪورٽ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت واري رقم جي واپسي باب...

قطر جي ٽياڪڙيءَ ۾ آمريڪا ۽ ايران هڪٻئي جا قيدي آزاد ڪري ڇڏيا،

قطر جي ٽياڪڙيءَ ۾ آمريڪا ۽ ايران هڪٻئي جا قيدي آزاد ڪري ڇڏيا، جڏهن ته آمريڪا ڏکڻ ڪوريا ۾ ايران جا منجمد ڪيل 6 ارب ڊالر به بحال ڪري ڇڏيا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب ايران آمريڪا جي پنجن شهرين جي آزاديءَ عيوض 6 ارب ڊالر جو فائدو کنيو آهي، جڏهن ته آمريڪا به پنجن ايراني قيدين مهرداد، مهين انصاري، ڪمبيز عطار ڪاشاني، رضا سرهنگ پور ڪافراني، امين حسن زادا ۽ ڪاوي افراسيابي کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

جيئن ئي ايران کان آمريڪي قيدين کي کڻي جهاز اڏام  ڀري ته ايران جا ڏکڻ ڪوريا ۾ منجمد 6 ارب ڊالرن جي رقم به  بحال ڪئي وئي.

اها رقم ڏکڻ ڪوريا کان دوحه جي اڪائونٽن ۾ منتقل ٿيندي، جتان معاهدي تحت قطر ان رقم جي انساني بنيادن تي خرچ کي يقيني بڻائيندو.

هوڏانهن آمريڪا جن پنجن ايراني قيدين کي آزاد ڪيو آهي، انهن مان رڳو 2 دوحا پهتان آهن، جيڪي جلد ايران پهچندا، جڏهن ته ٻن ايراني شهرين آمريڪا ۾ ئي رهڻ کي ترجيح ڏني ۽ پنجون پنهنجي خاندان سان گڏ ڪنهن ٽئين ملڪ ويندو.

ايران ۾ آزادي ماڻيندڙ 51 ورهين جو سيماڪ نمازي، 59 ورهين جو عماد شرقي ۽ 67 ورهين جو  ماحولياتي ماهر مراد ته باز به دوحا پهچي  ويا آهن، جڏهن ته ٻن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي. جوبائيڊن انتظاميا قطر معاهدي تي عمل جي واکاڻ ڪئي ۽ آمريڪي شهرين جي حفاظت سان واپسيءَ تي قطر جي امير جا ٿورا مڃيا، مخالف ڌر ايران جا فنڊ بحال ڪرڻ تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,163FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
7 %
3.4kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون