سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 20 سيڪڙو برقرار آهي، پاڻي مارهن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي کوٽ 15 جولاءِ تائين برقرار رهندي.
سنڌ جي گڊو بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 35 سيڪڙو ۽ سکر بئراج وٽ 27 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هئڻ باوجود پنجاب سي جي ڪئنال مان 2000 ڪيوسڪ ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال ذريعي 10 هزار 873 ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو آهي.
سکر بئراج جي واهن کي پاڻي جي گهرج 63 هزار 400 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته واهن کي رڳو 49 هزار 5 ڪيوسڪ پاڻي ملي پيو.
کيرٿر ڪئنال کي پاڻي جي گهرج 8 هزار 475 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته واهه کي رڳو 4 هزار 700ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.
رائيس ڪئنال کي هن وقت پاڻي جي گهرج 14 هزار 355 ڪيوسڪ ۽ واهه کي رڳو 10 هزار 800 ڪيوسڪ پاڻي ملي ٿو.
دادو ڪئنال کي پاڻي جي گهرج 5 هزار 837 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته واهه کي 2 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.
نارا ڪئنال کي پاڻي جي گهرج 13 هزار 675 ڪيوسڪ ۽ واهه کي 13 هزار 700 ڪيوسڪ پاڻي ملي پيو.
خيرپور فيڊر ايسٽ کي 2075 ڪيوسڪ گهربل آهي جڏهن ته واهه کي 1960 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.
روهڙي ڪئنال کي پاڻي جي گهرج 16 هزار 963 ڪيوسڪ ۽ واهه کي 13 هزار 900 ڪيوسڪ پاڻي ملي ٿو.
خيرپور فيڊر ويسٽ کي 2020 ڪيوسڪ جي گهرج آهي جڏهن ته واهه کي 1525 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي.