قمبر ويجهو جوابدار پنهنجي گهرواري کي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
قمبر ويجهو جوابدار پنهنجي گهرواري کي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن پاران لاش لاڙڪاڻي روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو. ڳوٺ ڇڄڙا ۾ جوابدار غلام مرتضيٰ چانڊيو پنهنجي گهرواري نائلا کي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. نائلا جي والد ارشاد ڪوري الزام هڻندي چيو ته نياڻي سندس گهر ۾ ترسيل هئي جتي جوابدار غلام مرتضيٰ ۽ ٻين کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. وارثن پاران لاڙڪاڻي روڊ تي نائلا جو لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.7 ° C
19.7 °
19.7 °
21%
3.5m/s
1%
اربع
20 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون