قمبر ويجهو پراڻي تڪرار تان جهيڙي ۾ ٻن سڳن ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.
غيبي ديرو ٿاڻي جي حد لاکاني جبل واري علائقي ۾ ملڪيت جي هلندڙ تڪرار تان بلاڻي چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي جي نتيجي ۾ غلام عمر، علي خان چانڊيو ۽ واٽهڙو عبدالرحيم گائنچو قتل ٿي ويا.
ٻن ڀائرن سميت ٽن ڄڻن جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.