قمبر پاسپورٽ آفيس ۾ جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪندڙ 2 افغاني گرفتار

- Advertisement -
قمبر پاسپورٽ آفيس مان پاسپورٽ ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٻن افغانين سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. خميس ڏينهن پاسپورٽ اينڊ اميگريشن آفيس قمبر ۾ ٻه افغاني جيڪي افغانستان جي شھر غزني جا ٻڌايا وڃن ٿا، سندن اصل نالا سليمان پٽ اجمل ۽ وھاب پٽ شرن آهن. اڻڄاتل ايجنٽن ذريعي نادرا کان جعلي ب فارم ٺھرائي پاڻ کي ب فارم ۾ غلام مصطفيٰ ۽ اسحاق ٻئي پٽ بھرام بروھي ويٺل شھدادڪوٽ جا بڻجي جعلي پيءُ ماءُ بھرام بروھي ۽ مسمات ھده بروھي سان گڏ پاسپورٽ آفيس ۾ پھتا. پاسپورٽ آفيس جي انچارج محمد علي جلباڻي شڪ ظاهر ڪندي آڏي پڇا شروع ڪئي، جنھن دوران آيل افغانين اعتراف ڪندي چيو ته هو افغانستان جي شھر غزني جا رھواسي آھن، هو ايران بارڊر کان ڪوئيٽا آيا ھئا. ٻنهي افغان شهرين ٻڌايو ته ٻه ڏينھن اڳ شھدادڪوٽ پھتا جنھن بعد پنھجي جعلي پيءُ ۽ ماءُ سان گڏ پاسپورٽ ٺھرائن لاءِ آيا آهن، تصديق ٿيڻ بعد پاسپورٽ آفيس قمبر جي انچارج پوليس ۽ ايف آءِ اي سان رابطو ڪيو. ٻنھي غير قانوني طور پاڪستان پھتل افغانين ۽ سندن جعلي پيءُ ۽ ماءُ کي ايف آئي اي سرڪل لاڙڪاڻو گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ٻنھي افغانين جي مددگارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، جڏھن ته سندن جعلي پيءُ ماءُ بڻيل شھدادڪوٽ واسي بھرام بروھي ۽ سندس زال ھدا بروھي کان به پڇا ڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي ته ھنن ڪنهن جي چوڻ تي ۽ ڪھڙي لالچ ۾ اچي غير قانوني طور آيل افغانين جي مدد ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
21 ° C
21 °
21 °
23%
3.6m/s
6%
اڱارو
21 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون