تازه ترين

قمبر ۾ هٿياربند  جي فائرنگ ۾  ٽي نوجوان زخمي

قمبر ۾ هٿياربند  جي فائرنگ ۾  ٽي نوجوان زخمي ٿي پيا.

بروهي محلي  ۾ اڻڄاتل ھٿياربند محلي واسي نوجوانن مٿان حملو ڪري مٿن  فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾  3 نوجوان سخت زخمي ٿي پيا.

گوليون ۽ پسٽل جا بٽ لڳڻ سبب زخمي ٿيل نوجوانن ۾  فرحان بروهي، شاهد بروهي ۽  وسيم بروهي شامل آهن جن کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو .

جوابدار نوجوانن کي زخمي ڪرڻ بعد پنهنجي موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويو جڏهن ته  پوليس موٽرسائيڪل تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي.

رابطو ڪرڻ تي  پوليس ٻڌايو ته  اڻڄاتل هٿيار بند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، سندس ڳولا ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

محلي واسين جو چوڻ آهي ته محلي ۾ ايندڙ نامعلوم هٿياربند کان نوجوانن طرفان پڇو ڪرڻ تي هٿياربند فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ ٽي نوجوان زخمي ٿي پيا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
3.1kmh
100 %
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون