تازه ترين

قمبر ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

- Advertisement -
قمبر ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڳوٺ علي بخش پنهور ۾ پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ زرعي زمين مان مٽي کڻڻ تان جهيڙو ٿي پيو. فائرنگ جي نتيجي ۾ 18 ورهين جو بلاول پنهور گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، جڏهن ته مجيب ۽ اعظم پنهور سخت زخمي ٿي پيا. مقتول جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. زخمين کي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ مٽي کڻڻ تان واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17.1 ° C
17.1 °
17.1 °
75 %
1.4kmh
64 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون