تازه ترين

قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران وزيراعظم شهبازشريف ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران وزيراعظم شهبازشريف ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.

اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته هنن ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت نه ٿي، ان بابت ڪو فيصلو ناهي ٿيو.

هن چيو ته پي ٽي  آءِ دور ۾ ڪڻڪ امپورٽ ۽ پوءِ ايڪسپورٽ ٿي، اربين رپيا کاڌا ويا ڪنهن کي خبر ناهي؟

شهبازشريف چيو ته اسد قيصر احترام جوڳو آهي، پر جڏهن هو اسپيڪر هو  ته مخالف ڌر جي اڳواڻ کي ڳالهائڻ جي اجازت نه هوندي هئي، اهو رڪارڊ تي موجود آهي.

وزيراعظم جي اسد قيصر بابت رمارڪس تي مخالف ڌر احتجاج ڪندي نعري بازي ڪئي وئي.

اسد قيصر خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم سندس بابت ڳالهايو، درخواست آهي ته پراڻو رڪارڊ ڪڍرايو، ميان صاحب مخالف ڌر جي اڳواڻ طور ڪيترائي ڪلاڪ تقرير ڪندو هو.

هن چيو ته تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو ته اجلاس ۾ ناڻي واري وزير جي تقرير کان اڳ مخالف ڌر ڳالهايو هجي، شهبازشريف مخالف ڌر جي اڳواڻ طور 84 ڪلاڪ تقرير ڪئي.

اسد قيصر چيو ته سندن دور ۾ تقريرون لائيو هلنديون هيون، هاڻي سينسرشپ آهي، هاڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ جي گهر تي ڇاپا هنيا ويندا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
19 %
1.3kmh
0 %
خميس
16 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون