تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پ پ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪري سندس مغفرت لاءِ دعا گهري وئي

- Advertisement -
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پ پ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪري سندس مغفرت لاءِ دعا گهري وئي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ نواب يوسف ٽالپر، مولانا حامد الحق ۽ ٻين جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي. نواب يوسف ٽالپر جي حوالي سان پنهنجي تعزيتي بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواب يوسف ٽالپر جو پيپلز پارٽي سان تعلق صرف سياسي نه هو، نواب يوسف ٽالپر سان سندن ٽن نسلن جو خانداني تعلق هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواب يوسف ٽالپر  آمريت خلاف جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ايم آر ڊي تحريڪ سميت سموري جدوجهد ۾ نواب يوسف ٽالپر ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته نواب يوسف ٽالپر هڪ سياسي ڪارڪن هو، هن شاگردي واري زماني کان سياست شروع ڪئي. نواب يوسف ٽالپر آمريت خلاف جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته نواب يوسف ٽالپر پنهنجي سياسي زندگي هڪ شاگرد اڳواڻ جي حيثيت سان شروع ڪئي ۽ ايم آر ڊي سميت سڀني جمهوري جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن جنرل ضيا ۽ جنرل مشرف جي آمريت ۾ سختيون برداشت ڪيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن ۽ پارٽي ڪارڪنن يوسف ٽالپر کان جمهوريت لاءِ وڙهڻ سکيو، جنرل ضيا ۽ مشرف هليا ويا، پر نواب يوسف ٽالپر ۽ هن جهڙا ڪارڪن اڃا تائين زندهه آهن. خواجه آصف جو چوڻ آهي ته نواب يوسف ٽالپر پنهنجي پارٽي سان مستقل مزاجي ذريعي وفاداري ڪئي،  نواب يوسف ٽالپر ثابت قدمي سان پنهنجي پارٽي سان گڏ بيٺل رهيو. مخالف ڌر جي اڳواڻ علي محمد خان چيو ته نواب يوسف ٽالپور فوت ٿي ويو ۽ مولانا حامد الحق شهيد ٿي ويا، نواب يوسف ٽالپر لاجز ۾ پاڙيسري هو، هو شريف انسان هو، سندس دعا آهي ته نواب يوسف ٽالپور جهڙي شرافت ۽ رحمدلي سندن سياست ۾ اچي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته حميد الحق هڪ مهينو اڳ اسپيڪر آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، سندس مغفرت لاءِ دعاگو آهيون. اجلاس ۾ خواجه اظهار الحسن، رانا تنوير حسين ۽ امير مقام ۽ ٻين پڻ سندس پارٽي ۽ خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اڱاري ڏينهن صبح جو 11:30 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
27 %
4.2kmh
0 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون