تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

قومي اسيمبليءَ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان سي  ڊي اي چيئرمين جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

قومي اسيمبليءَ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان سي  ڊي اي چيئرمين جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين مهرين ڀٽو اجلاس دوران سوال ڪيو ته اسلام آباد جي بلڊنگز ۾ معذور ماڻهن جي وهيل چيئرز جي ريمپس جي اڏاوت ڪنهن حد تائين مڪمل ٿي وئي آهي؟

ڊپٽي ڊائريڪٽر سي ڊي اي چيو ته 60 سيڪڙو عمارتن ۾ عملدرآمد ٿي ويو آهي.

مهرين ڀٽو چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ جيڪا ريمپ آهي تنهن ۾ وهيل چيئر چاڙهڻ لاءِ پنجن ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي.

هن چيو ته پارليامينٽ ۾ به وهيل چيئرز لاءِ ريمپ ناهي، افسوس آهي ته سي ڊي اي ڪميٽي جي سفارشن تي عمل نه ڪندي آهي.

اجلاس دوران سي ڊي اي چيئرمين جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

مهرين ڀٽو چيو ته سي ڊي اي چيئرمين کي اجلاس ۾ هجڻ گهرجي ها، پوليس بابت ٽي آئٽم هئڻ باوجود آءِ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي آهي.

ڪميٽي ميمبر قادر مندو خيل چيو ته سڀني کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته اجلاس جو آخري ڏينهن آهي.

هن چيو ته عملدارن کي آگاهه ڪيو وڃي ته ڪميٽي آخري ڏينهن به گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي.

قادر مندوخيل چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي کنڀيو وڃي ٿو ته سندس خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته جنهن ماڻهو کي کنڀيو وڃي تنهن جي وارث کي ضرور آگاهه ڪيو وڃي.

ڊي جي هيومن رائٽس چيو ته جبري گمشدگي کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي تجويز آهي، بچاءَ واري وزارت سميت سمورين ڌرين تجويز تي اتفاق ڪيو آهي.

ڊي جي هيومن رائٽس چيو ته قانون کي ڊرافٽ بڻائي پارليامينٽ ۾ موڪليو ويو هو جيڪو رولڙي جو شڪار آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
33 %
2.5kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون