قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.
قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ راڻا تنوير ترميمي بل پيڪا 2025 منظوري لاءِ پيش ڪيو.
بل پيش ڪرڻ تي پيڪا ايڪٽ خلاف صحافين احتجاج ڪندي پريس گيلي مان واڪ آئوٽ ڪيو ويو.
پيڪا ايڪٽ ترميمي بل جي شق وار منظوري جو عمل شروع ٿيو، جنهن کي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو.
حڪومت جي ڪنهن به اتحادي پارٽي طرفان پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 جي مخالفت نه ڪئي وئي.
ترميمي بل جي مسودي ۾ چيو ويو ته ڊجيٽل رائٽس پروٽيڪشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، پيڪا ايڪٽ جي سيڪشن ٽو ۾ هڪ نئين شق جي تجويز شامل آهي.
ترميمي بل مسودي موجب سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪئي ويندي، اٿارٽي جي مرڪزي آفيس اسلام آباد ۾ هوندي.
ترميمي بل موجب اٿارٽي سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم جي مدد ڪندي ۽ سوشل ميڊيا صارفين جي تحفظ ۽ حقن کي يقيني بڻائيندي.
ترميمي بل جي مسودي موجب ڪوڙي خبر پکيڙڻ تي 3 سال قيد ۽ 20 لک رپيا ڏنڊ هوندو.
ترميمي بل جي مسودي موجب اٿارٽي کي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي رجسٽريشن جو اختيار حاصل هوندو، اٿارٽي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي
رجسٽريشن ختم ڪرڻ ۽ معيار مقرر ڪري سگهندي.
ترميمي بل جي مسودي موجب پيڪا ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي اٿارٽي کي سوشل ميڊيا پليٽ فارم خلاف ڪارروائي جو اختيار حاصل هوندو.
ترميمي بل جي مسودي موجب اٿارٽي لاڳاپيل ادارن کي سوشل ميڊيا تان غيرقانوني مواد هٽائڻ جي هدايت جاري ڪري سگهندي.
ترميمي بل جي مسودي موجب سوشل ميڊيا تي غيرقانوني سرگرمين خلاف متاثر ڌر 24 ڪلاڪن ۾ درخواست ڏيڻ جي پابند هوندي،اٿارٽي 9 ميمبرن تي ٻڌل هوندي، گهرو سيڪريٽري، پي ٽي اي چيئرمين، پيمرا چيئرمين اٿارٽي جا ميمبر هوندا.
ترميمي بل جي مسودي موجب سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽِي ۾ صحافين کي به نمائندگي ڏني ويندي، اٿارٽي ۾ هڪ وڪيل، سوشل ميڊيا پروفيشنل خانگي شعبي مان آءِ ٽي ايڪسپرٽ به شامل هوندو.