قومي اسيمبليءَ فلسطيني عوام سان ٻڌيءَ لاءِ ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو.
ٺهراءُ تي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي سمورين پارلياماني پارٽين جون صحيون موجو آهن.
ايوان ۾ ٺهراءُ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان اتفاقِ راءِ سان منظور ڪري ورتو.
منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته ايوان فلسطين ۾ اسرائيلي ڏوهن کي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته 18 مارچ کان ٻيهر شروع ٿيل اڳرائي 16 سئو کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ڪري ڇڏيا، ايوان فلسطينين سان مڪمل طور ٻڌيءَ جو اظهار ڪري ٿو.
منظور ڪيل ٺهراءَ موجب ايوان عالمي برادري طرفان اسرائيلي اڳرائي روڪڻ ۾ ناڪاميءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ٿو.
ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته غزا مان اسرائيلي فورسز کي فوري طور ڪڍيو وڃي.
منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ايوان عالمي برادريءَ کان فلسطين کي يو اين جو مڪمل ميمبر تسليم ڪرڻ جو مطالبو به ڪري ٿو.