تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

قومي اسيمبليءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ وارو بل پيش ڪيو ويو

قومي اسيمبليءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ وارو بل پيش ڪيو ويو آهي.

قومي اسيملبيءَ جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ن ليگ جي دانيال چوڌريءَ سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 23 ڪرڻ جو بل پيش ڪيو، جنهن جي مخالف ڌر جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر  مخالفت ڪئي.

بئريسٽر گوهر چيو ته آئين تحت اهڙي ترميم رڳو حڪومت ئي آڻي سگهي ٿي، پرائيويٽ ميمبر بل ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن جي انگ تي قانونسازي نٿي ٿي  سگهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ سال ۾ 155 ڏينهن ڪم ڪري ٿي، ڀارت ۾ سپريم ڪورٽ 190 ڏينهن ڪم ڪندي آهي، کين ڪيس اڪلائڻ لاءِ ڪم جا ڏينهن وڌائڻا پوندا.

اجلاس دوران نور عالم خان سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽ جي ججن ۽ بيوروڪريٽس جي ٻٽي شهريت تي پابندي بابت آئيني بل پيش ڪيو، جنهن کي لاڳاپيل ڪميٽيءَ ڏانهن اماڻي ڇڏيو.

قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته اسٽبلشمينٽ ڊويزن بل جي مخالف ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، فوج ۽ پارليامنيٽ ۾ ٻٽي شهرين ناهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
4 ° C
4 °
4 °
28 %
1.4kmh
0 %
خميس
4 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون