تازه ترين

قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري

- Advertisement -
قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي. نئين اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي جي به اجلاس ۾ شرڪت جو به امڪان آهي. حڪومتي ميمبر انجم عقيل خان انتظاميه جي اجازت کانسواءِ فرنيچر ايڪسپوز منعقد ڪرڻ تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندو. اسلام آباد ۾ خانگي تعليمي ادارن جي رجسٽريشن ۽ ريگيوليشن ترميمي بل 2026 به ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. پاڪستان جي نالي ۽ نشانن جي غير مجاز استعمال کي روڪڻ لاءِ بل پيش ڪيو ويندو. ڀنگ جي ڪنٽرول ۽ ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2026 به ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. محفوظ ٿيل دستاويزي جمواد ترميمي بل 2026 به ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. ريلوي جي منتقلي جو ترميمي بل 2026 به منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون پڻ پيش ڪيون وينديون. پرڏيهه سفر ڪندڙ پاڪستانين کي ميزبان ملڪن ۾ درپيش ايندڙ مسئلن تي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ پڻ نوٽيس پيش ڪيو ويندو…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.3 ° C
32.3 °
32.3 °
10 %
5.1kmh
0 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون