تازه ترين

قومي اسيمبلي جو اجلاس عيد جي موڪلن کانپوءِ اڄ ٻيهر شروع ٿيندو، جنهن ۾ بجيٽ تي بحث ڪيو ويندو

قومي اسيمبلي جو اجلاس عيد جي موڪلن کانپوءِ اڄ ٻيهر شروع ٿيندو، جنهن ۾ بجيٽ تي بحث ڪيو ويندو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام پنجين وڳي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيندو جنهن جو 2 نقاطي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث اڄ کان شروع ٿيندو، موجوده اجلاس ۾ فنانس بل 25-2024 به منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.

اپوزيشن ليڊر عمر ايوب بجيٽ تي بحث جي شروعات ڪندو، اپوزيشن ليڊر حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ ٽيڪس نظام تي تنقيد ڪندو، مخالف ڌر بجيٽ جي منظوري دوران احتجاج ۽ هنگامو جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب بجيٽ تي بحث هڪ هفتو جاري رهندو، اجلاس ڇنڇر ۽ آچر تي به جاري رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، حڪومت 29 جون تي قومي اسيمبلي مان بجيٽ جي منظوري حاصل ڪندي.

حڪومتي ميمبرن کي بجيٽ اجلاس ۾ حاضري يقيني بڻائڻ ۽ بجيٽ جي منظوري تائين پنهنجن تڪن ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.2 ° C
30.2 °
30.2 °
27 %
0.6kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون