تازه ترين

قومي اسيمبلي ۾ سياسي پارٽيءَ سان وابستگيءَ جو قسم نامو تبديل ڪرڻ بابت اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل پيش

- Advertisement -
قومي اسيمبلي ۾ سياسي پارٽيءَ سان وابستگيءَ جو قسم نامو تبديل ڪرڻ بابت اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل پيش ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران ليگي ميمبر بلال اظهر ڪيانيءَ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن دوران مخالف ڌر بل جي مخالفت ڪندي  نعريبازي ڪئي. اسپيڪر بل لاڳاپيل ڪميٽيءَ ڏانهن موڪلي ڇڏيو. اليڪشن ترميمي ايڪٽ 2024 ۾ به ترميمون متعارف ڪرايون پيون وڃن، پهرين ترميم اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 66 ۽ ٻي ترميم اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 104 ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي. پهرين ترميم ۾ چيو ويو ته آهي ته  ميمبر ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان وابسگتيءَ جو قسم نامو تبديل نه ٿي ڪري سگهجي. ٻي ترميم ۾ چيو ويو ته جنهن پارٽيءَ مخصوص سيٽن جي لسٽ اليڪشن ڪميشن کي نه ڏني هجي ان کي مخصوص سيٽون نه ٿو ڏئي سگهجن. ترميمي ايڪٽ 2024ع موجب اهي ٻئي ترميمون منظوري بعد فوري طور لاڳو هونديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
13 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
32.3 ° C
32.3 °
32.3 °
10 %
5.1kmh
0 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون