تازه ترين

قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي خانگائڻ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي، قومي ايئر لائن جي خريداري لاءِ ٽن پري ڪواليفائيڊ بڊرز ٻوليون جمع ڪرائي ڇڏيون

- Advertisement -
قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي خانگائڻ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي، قومي ايئر لائن جي خريداري لاءِ ٽن پري ڪواليفائيڊ بڊرز ٻوليون جمع ڪرائي ڇڏيون. بڊرز جون ٻوليون منجهنڊ 3 وڳي کوليون وينديون، پرائيويٽائزيشن ڪميشن بورڊ اجلاس ۾ ريفرنس قيمت طئي ڪئي ويندي. ريفرنس قيمت طئي ٿيڻ کانپوءِ خانگائڻ بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ريفرنس پرائس جي قطعي منظوري ڏني ويندي. ٻوليون کولڻ وقت ريفرنس قيمت ۽ وصول ٿيل ٻولين جو اعلان ڪيو ويندو ۽ سموري ڪارروائي طئي ٿيل ضابطن موجب مڪمل ڪئي ويندي. عالمي آبزرورز پڻ پي آءِ اي جي ٻولي جو عمل ڏسڻ لاءِ اسلام آباد پهچي ويا آهن. حڪومتي منصوبي موجب ڪامياب ٻولي ڏيندڙ پي آءِ اي جا باقي 25 سيڪڙو حصص خريد ڪرڻ جو به حقدار هوندو، جنهن لاءِ کيس 90 ڏينهن جو وقت ڏنو ويندو. ذريعن موجب امڪاني نئون سيڙپڪار ايندڙ 5 سالن دوران گهٽ ۾ گهٽ 80 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو پابند هوندو، جيئن ايئرلائن جي بهتري ۽ آپريشنل معاملن کي مستحڪم ڪري سگهجي. ذريعن موجب نجڪاري ڪميشن موجب 75 سيڪڙو حصص جي وڪري مان حاصل ٿيندڙ رقم جو 92.5 سيڪڙو ٻيهر پي آءِ اي ۾ سيڙپڪاري لاءِ استعمال ڪيو ويندو. جڏهن ته 7.5 سيڪڙو رقم حڪومت کي منتقل ڪئي ويندي، هن قدم جو مقصد اهو آهي ته وڌ کان وڌ سرمايو سڌو قومي ايئرلائن جي بحالي ۽ ترقي تي خرچ ڪيو وڃي. نجڪاري ڪميشن واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪا ٻولي ريفرنس قيمت کان وڌيڪ هوندي ته ان کي قبول ڪيو ويندو. جڏهن ته گهٽ قيمت جي صورت ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولي ڏيندڙ کي پنهنجي ٻولي ريفرنس قيمت تائين وڌائڻ جو موقعو ڏنو ويندو. ڪامياب ٻولي ڏيندڙ جي سڃاڻپ کانپوءِ باقي حصص جي خريداري جو مرحلو شروع ڪيو ويندو. پي آءِ اي ملازمن جي تحفظ بابت نجڪاري ڪميشن جو چوڻ آهي ته هڪ سال تائين نوڪرين جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو، جڏهن ته پينشن ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ وارا فائدا هولڊنگ ڪمپني جي ذميواري هوندا. صلاحڪار محمد علي بڊنگ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته قومي ايئر لائن وڪڻڻ لاءِ بڊنگ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته هاڻي اهي پي سي بورڊ وٽ ويندا، پي سي بورڊ قومي ايئر لائن ريزرو پرائس کي ڏسندو، ريزرو پرائس جي ڪنهن کي به خبر ناهي، ريزرو پرائس بورڊ مان منظوري کانپوءِ ڪابينا ڪميٽي وٽ ويندي. خانگائڻ بابت صلاحڪار جو چوڻ هو ته ڪابينا ڪميٽي ريزرو پرائس جي حوالي سان قطعي منظوري ڏيندي، تمام وڏو مرحلو آهي، 20 سالن کان ڪابه وڏي نجڪاري ناهي ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
13 %
0.6kmh
4 %
اڱارو
25 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون