- Advertisement -
قومي ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اعليٰ فوجي ۽ سياسي قيادت شرڪت ڪندي.
صوبائي وڏا وزير ۽ ڳجهي ادارن جا سربراهه به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا.
اجلاس دوران امن امان جي مجموعي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو.
قومي ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ بابت صورتحال تي به غور ڪيو ويندو.
صوبن ۽ وفاق وچ ۾ ڪو آرڊينيشن بهتر بڻائڻ ۽ انٽيليجنس معلومات جي هاڪاري شيئرنگ بابت به غور ٿيندو.
خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن جي سببن جو جائزو به ورتو ويندو.
اجلاس کي انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز جي نتيجن کان به آگاهه ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ گهرو سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم فيصلن جي منظوري به ڏني ويندي.- Advertisement -
