وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي اسپيڪر جي ايڊوائس تي قومي سلامتي جي پارلياماني ڪاميٽي جو اجلاس سڀاڻي منجهند ڏيڍ وڳي طلب ڪيو آهي.
قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ان ڪيمرا ٿيندو جنهن ۾ سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي، اجلاس ۾ عسڪري قيادت پارلياماني ڪميٽي کي موجوده سڪيورٽي صورتحال بابت آگاهه ڪندي.
اجلاس قومي اسيمبلي اجلاس ۾ منعقد ڪيو ويند جنهن ۾ پارليامان ۾ موجود سموري جماعتن جا پارليامانيليڊر ۽ سندسن نامزد نمائندا شرڪت ڪندا.
لاڳاپيل ڪابينا ميمبر به اجلاس ۾ شرڪت ڪندا، قومي سلامتي جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي.