تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

قومي سلامتي کي خطرن بابت زيرو ٽالرنس پاليسي آهي: فيلڊ مارشل

- Advertisement -
چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته قومي سلامتي کي خطرن بابت زيرو ٽالرنس پاليسي آهي، هٿياربند فوج جاگرافيائي سرحدن ۽ گهرو سلامتي لاءِ هر وقت تيار آهي. آءِ ايس پي آر موجب چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير لاهور گيريزن جو دورو ڪيو. چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير جي لاهور گيريزن آمد تي ڪور ڪمانڊر لاهور آڌر ڀاءُ ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل کي لاهور گيريزن ۾ آپريشنل تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير فارميشن جي نگراني هيٺ تربيتي مشقن جو جائزو ورتو. آءِ ايس پي آر موجب، چيف آف ڊفينس فورسز مستقبل جي جنگن بابت تيارين ۽ جدت اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير جوانن کي فراهم ڪيل راندين ۽ تفريحي سهولتن جي ساراهه ڪئي. فيلڊ مارشل سي ايم ايڇ لاهور ۾ هاءِ ڪيئر سينٽر جو به دورو ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته قومي سلامتي کي خطرن بابت زيرو ٽالرنس پاليسي آهي، پاڪ فوج هر قسم جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ گهرو استحڪام پاڪ فوج جو اولين مشن آهي، فوج اعليٰ معيار، نظم ضبط ۽ بي لوث خدمت کي هٿي ڏئي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته هٿياربند فوج ملڪي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ گهرو استحڪام جي حفاظت لاءِ تيار آهي. فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج هر قسم جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ملڪي سلامتي جي حفاظت ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون