تازه ترين

قومي ليگ جي ڪاميابين جو سلسلو جاري، 300 ميچون مڪمل

پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) شاندار تاريخ ۾ هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي، پي ايس ايل ۾ مجموعي طور تي 300 ميچون مڪمل ٿي چڪيون آهن،
اڱاري تي ڪوئيٽه گليڊي ايٽرز ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ ٿيل تازو مقابلو، پي ايس ايل جي تاريخ جو 300هون ميچ هو،
قابل ذڪر ڳالهه اها آهي ته ڪوئيٽه گليڊي ايٽرز نه رڳو پهرين ميچ، پر 300هين ميچ جو پڻ حصو رهي،
بابر اعظم جا شاندار رڪارڊ
بابر اعظم، جيڪو پي ايس ايل جي سمورين 10 ئي سيزنن جو حصو رهيو آهي، ليگ جي تاريخ ۾ هن سڀ کان وڌيڪ 34 ففٽين جي مدد سان 3621 رنسون اسڪور ڪيون آهن جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 401چوڪا ۽ سڀ کان وڌيڪ 49 ڪيچون ڪرڻ جو رڪارڊ پڻ بابراعظم جي نالي آهي
ٻين رانديگرن جون نمايان ڪارڪردگيون
حسن علي سڀ کان وڌيڪ 121 وڪيٽون ورتيون آهن ۽ جيسن روئي سڀ کان وڏي انفرادي اننگز کيڏي آهي، جنهن ۾ هن 145 رنسون اسڪور ڪيون هيون. سڀ کان وڌيڪ ڇڪا لڳائيندڙ بيٽر فخرزمان آهي جنهن پي ايس ايل جي تاريخ ۾ 90 ڇڪا لڳايا آهن.
ڪوئيٽه گليڊي ايٽرز جو اڳوڻو ڪپتان، سرفراز احمد، سڀ کان وڌيڪ 80 ميچن جي قيادت ڪئي آهي، جن مان هن 38 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي جيڪا پنهنجي جاءِ تي هڪ بهتر ڪارڪردگي آهي.
پي ايس ايل جي سي اي او، سلمان نصير جو چوڻ آهي، اسان کي پي ايس ايل جي تاريخ تي فخر آهي. 2016 ۾ شروعات کان پوءِ هي ليگ لڳاتار ترقي ڪندي رهي آهي، ۽ ڏهاڪي جي ان سفر ۾ معيار، برانڊ ۽ شوقينن جو اعتماد ان جي ڪاميابي جو وڏو ثبوت آهي.

https://www.facebook.com/watch/?v=898190192399051

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون