تازه ترين

قومي ٽيم  ڪينيڊا کي دلچسپ مقابلي بعد چئن جي ڀيٽ ۾ پنجن گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي

اذلان شاهه هاڪي ٽونارمينٽ ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي، قومي ٽيم  ڪينيڊا کي دلچسپ مقابلي بعد چئن جي ڀيٽ ۾ پنجن گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ملائيشيا جي شهر ايپوه ۾ هلندڙ  30هين اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ ميچ ٿي.

ڪينيڊا طرفان شان ڊيوس ميچ جي پنجين ۽ هربير سڌو سترهين منٽ ۾ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي سرسي ڏياري پر ٻئي ڪوارٽر ۾ ابوبڪر محمود پيلنٽي ڪارنرن تي ٻه گول ڪري اسڪور برابر ڪيو.

ميچ جي ٽئين ڪوارٽر ۾ قومي ٽيم ڪينيڊا تي حاوي رهي، ارشد لياقت، رانا وحيد اشرف ۽ غضنفر علي گول ڪري قومي ٽيم جي سرسي وڌائي ڇڏي.

ٽئين ڪوارٽر جي آخري منٽن ۾ شان ڊيوس ۽ چوٿين ڪوارٽر ۾ اوجوت بٽر گول ڪري صورتحال دلچسپ بڻائي ڇڏي، پر ميچ جي پڄاڻيءَ  تائين پاڪستان کي هڪ گول جي سرسي حاصل رهي ۽ قومي ٽيم ميچ ۾ ڪاميابي ماڻي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
40 %
0.8kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون