قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر وهاب رياض انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وهاب رياض چيو ته 2000ع ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي، زندگيءَ ۾ ڪيترائي خواب ڏٺا، انهن مان هڪ خواب پاڪستان لاءِ کيڏڻ به هو.
هن چيو ته هو هاڻي به پاڪستان لاءِ کيڏڻ چاهي ٿو پر هاڻي سندس ٽيم جاءِ نٿي ٺهي، قومي ٽيم ۾ سٺا فاسٽ بالر موجود آهن.
وهاب رياض چيو ته هن ڪو جذباتي فيصلو ناهي ڪيو، هو حقيقت تي يقين رکي ٿو، ورلڊ ڪپ 2023ع تي فوڪس هو پر هاڻي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي خدا حافظ ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، پر هو ليگ ڪرڪيٽ کيڏندو رهندو.
پريس ڪانفرنس دوران وهاب رياض والد ۽ خاندان جو ذڪر ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺو.
وهاب رياض چيو ته 2011ع واري ورلڊڪپ سندس زندگي تبديل ڪري ڇڏي، وقار يونس، عاقب جاويد، محمد اڪرم کيس تمام گهڻو سپورٽ ڪيو، شين واٽسن خلاف اسپيل يادگار رهندو