تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

قومپرست اڳواڻن ڪراچيءَ ۾ رواداري مارچ تي تشدد خلاف 16 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ اعلان ڪيو

- Advertisement -
قومپرست اڳواڻن ڪراچيءَ ۾ رواداري مارچ تي تشدد خلاف 16 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ،  20 آڪٽوبر تي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل توڙي سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪينال ڪڍڻ خلاف قومي ڪانفرنس ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جسم چيئرمين  رياض علي چانڊئي، قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڊاڪٽر بدر چنا ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران رواداري مارچ تي تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. قومپرست اڳواڻن رياض علي چانڊئي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين چيو ته جسٽس فار ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪميٽي ڪراچي ۾ رواداري مارچ ڪيو، جنهن مٿان پوليس وحشياڻو تشدد ڪيو، جنهن خلاف 16 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو ۽ ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي ڪارڪن ڪاريون پٽيون ٻڌندا. هنن يو ته  20 آڪٽوبر تي ڊاڪٽر شاهنواز جو عدالت کان مٿانهين قتل ۽ ڪميشن قائم ڪرڻ ۽  سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪينال خلاف پريس ڪلب آڏو قومي ڪانفرنس ٿيندي. سندن چوڻ هو ته  ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران سنڌ جي نياڻين، اديبن ۽ فنڪارن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، جنهن جو ذميوار بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي سمجهن ٿا. قومپرست اڳواڻن چيو ته رواداري مارچ کانپوءِ بخشل ٿلهو، پنهل ساريو ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ٿيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، اڳواڻن جي گرفتاري ۽ گهرن جي گهيراءُ خلاف احتجاج جاري رکيو ويندو. هنن چيو ته  پوليس پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان اڳ پريس ڪلب ٻاهران کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون