تازه ترين

لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي آزادي واري حڪم خلاف نيب جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور هائيڪورٽ، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي صدر پرويز الاهيءَ کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ وارو سنگل بئنچ جو فيصلو برقرار رکندي نيب جي اپيل نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏني آهي.

لاهور هائيڪورٽ جي جسٽس باقر نجفي ۽ جسٽس راحيل ڪامران تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ نيب جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

نيب انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ته سنگل بئنچ جو فيصلو حقيقتن جي ابتڙ اهي، نيب ڪيسن تي رڳو ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻ جو اختيار رکي ٿي.

نيب درخواست ڪئي ته عدالت سنگل بئنچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏي ۽ اپيل جي قطعي فيصلي تائين فيصلو معطل ڪري.

لاهور هائيڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ پرويز الاهيءَ کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ وارو سنگل بئنچ جو فيصلو برقرار رکندي نيب جي اپيل نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي اڪلائي ڇڏي.

عدالت فيصلو ٻڌائيندي چيو ته نيب متاثر ڌر ناهي، سنگل بئنچ جي فيصلي ۾ نيب بابت ڪا خاص هدايت جاري ناهي ڪئي وئي، نيب جي اپيل نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي اڪلائي وڃي ٿي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.5 ° C
17.5 °
17.5 °
11 %
2.6kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون