لاهور هائيڪورٽ عدالتي حڪم باوجود پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي پيش نه ڪرڻ تي آءِ جي اسلام آباد جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
لاهور هائيڪورٽ ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي بازيابيءَ لاءِ سندس گهرواري قيصره الاهي جي درخواست بابت ٻڌڻي ٿي.
جسٽس مرزا وقاص رئوف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي جڏهن ته ٻڌڻي دوران ڊي پي او اٽڪ ۽ سي سي پي او راولپنڊي عدالت ۾ پيش ٿيا.
جسٽس مرزا وقاص رئوف رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان پنهنجو سمورو ڪم ڇڏي هتي ٻيو ڀيرو آيا آهيو، نه وساريو اوهان سڀني جو ڪيريئر آهي.
عدالت پاران جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس تي ڊي پي او اٽڪ ۽ سي پي او راولپنڊي پنهنجا جواب جمع ڪرائي ڇڏيا، عدالت ٻنهي آفيسرن خلاف جاري شوڪاز نوٽيس واپس وٺي ڇڏيا.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته آءِ جي اسلام آباد ڪٿي آهي، جنهن تي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته آءِ جي اسلام آباد طرفان جواب اچي ويو آهي.
عدالت رمارڪس ۾ چيو ته آءِ جي کي طلب ڪيو هو، هو ڪٿي آهي؟، اوهان عدالتي حڪمن کي آسان وٺي رهيا آهيو، اڳ ۾ ئي سندس ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.
سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته آءِ جي، اسلام آباد ۾ مصروف آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان آءِ جي اسلام آباد کان پڇا ڪري ٻڌايو ڪيئن اچڻ چاهي ٿو؟.
عدالت آءِ جي اسلام آباد جا ضمانت نه ٿيڻ گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
لاهور هائيڪورٽ آءِ جي اسلام آباد جي گرفتاري وارنٽ تي عمل نه ڪرڻ تي لاڳاپيل ايس پي کي توهين عدالت جا نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت سپرينٽينڊنٽ اٽڪ جيل جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندس ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا………….