تازه ترين

لاهور: گهريلو ملازم نينگريءَ تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ جج جي گهر واريءَ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد جي عدالت گهريلو ملازم نينگريءَ تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ جج جي گهرواريءَ جي ضمانت بابت درخواست رد ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن بعد پوليس سوميه عاصم کي گرفتار ڪري ورتو.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج فرخ فريد جي عدالت ۾  گهريلو ملازم نينگريءَ تي وحشياڻو تشدد ۾ نامزد سوميه عاصم جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جج فرخ فريد، سوميه عاصم کي روسٽرم تي گهرايو ۽ پڇاڻو ڪيو ته سوميه عاصم خلاف ڪيس جو رڪارڊ ڪٿي آهي؟.

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سوميه عاصم جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجي بيگناهي جو اظهار ڪيو، رڪارڊ ۾ پوليس لکيو آهي ته نينگري تي سوميه عاصم تشدد ناهي ڪيو، ڇا سوميه عاصم کي جيل اماڻڻ ضروري آهي؟.

پراسيڪيوشن طرفان سوميه عاصم جي ضمانت خارج ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي.

جج فرخ فريد چيو ته سوميه عاصم ته هر حال ۾ جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي پابند آهي.

سوميه عاصم جي وڪيل چيو ته جاچ آفيسر سمورن رخن تي جاچ ناهي ڪئي ڇا جاچ آفيسر واقعي جي وڊيو حاصل ڪئي؟ جنهن تي جج فرخ فريد چيو ته اڃا تائين دليل ضمانت جي درخواست ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن.

وڪيل چيو ته ڪيس جون پهريون پنج لائنون ئي ڪوڙ تي ٻڌل آهن جنهن تي جج فرخ فريد چيو ته هو هتي ٽرائل لاءِ ناهي ويٺو، صمانت بابت درخواست تي دليل ڏيو.

جج چيو ته ائين ممڪن ناهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ اچڻ تا؟ين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد سوميه عاصم جي ضمانت بابت درخواست رد ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالتي حڪم بعد پوليس سول جج جي گهرواري سوميه عاصم کي گرفتار ڪري ورتو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
19 %
1.3kmh
0 %
خميس
16 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون