تازه ترين

لاهور ۽ ڪراچي جو فرق سڀني سامهون آهي، ڪا راڪيٽ سائنس ناهي : عظميٰ بخاري

- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري هڪ دفعو ٻيهر پيپلزپارٽي ۽ سنڌ سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته لاهور ۽ ڪراچي جو فرق سڀني سامهون آهي، ڪا راڪيٽ سائنس ناهي، پنجاب جو سير ڪيو، کيس نوابشاهه ۽ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جو دورو ڪرايو وڃي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته هن شرجيل انعام ميمڻ جي مناظري جو چئلينج قبول ڪيو آهي، هو سندن اتحادي آهن، هو انهن جو وڏو احترام ڪندا آهن پر جهڙيون ڳالهيون ڪندا اهڙو جواب ايندو. سندس چوڻ هو ته پنجاب هميشه وڏي ڀاءُ هئڻ جو حق ادا ڪيو آهي، قدرتي آفت ڪنهن به صوبي ۾ آئي، پنجاب وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪيو پر پنجاب تي ڏکيو وقت آيو ته ماڻهن سياست ڪئي. پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته کيس اميد نه هئي ته ڏکي وقت ۾ پنجاب سان اهڙو ورتاءُ رکيو ويندو، هتي ٽن درياهن ۾ ٻوڏ آئي، جيڪڏهن پنجاب حڪومت تيار نه هجي ها ته نقصان وڏي پيماني تي ٿئي ها، ملتان ۽ مظفر ڳڙهه ۾ ٻوڏ سبب ڏکيائيون آيون، 25 ضلعن ۾ واقعا رپورٽ نه ٿيا. عظميٰ بخاري چيو ته پيپلزپارٽي جي 17 سالن دوران رڳو 17 منصوبا ڏيکاريا وڃن، پنجاب ۾ گهر يا سولر پروگرام وڪرو نه ٿيندا آهن، هڪ بيان ڏٺو، 90 هزار گهر ڪٿي آهن؟. هن چيو ته 47 لک ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن ۽ 17 آڪٽوبر تي ٻوڏ متاثرن ۾ چيڪ ورهايا ويندا، چار سئو ڳوٺ جي سروري ٿي چڪي آهي. پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته وزيراعليٰ سول ڊفينس جي ملازمن لاءِ 15 هزار رپيا پگهارن ۾ اضافي جو اعلان ڪيو آهي ۽ مريم نواز هر طرح جي اضافي خرچ کي گهٽ ڪرڻ جو چيو آهي، نديم افضل چن 5 پريس ڪانفرنسون ڪيون بي بنياد الزام لڳايا، کانئس پڇا ڪئي وڃي ته هن ٻوڏ متاثرن لاءِ ڇا ڪيو آهي؟. عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب جو ڪيس وڙهڻ سندن ذميواري آهي ۽ هو وڙهندا، اوهان وٽ سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، اوهان کي سموري سياست پنجاب جي ڪلهي تي چڙهي ڪرڻي آهي. هن چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ ٻارن ۾ ليپ ٽاپ ورهائي رهي آهي يا بسن جا افتتاح ڪري پئي، پنجاب حڪومت وٽ ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي جنهن جي ڪجهه ماڻهن کي تڪليف آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون