لاهور ۾ جج جي گهر واريءَ هٿان وحشياڻي تشدد جو شڪار رضوانه پوليس کي پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته جج جي گهر واري ڏنڊن ۽ لوهي سيخن سان تشدد ڪندي رهي آهي، کيس وارن مان جهلي مٿو ڀت سان هنيو ويندو هو، کيس ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪمري ۾ بند ڪري بکيو رکيو ويندو هو.
لاهور ۾ او ايس ڊي بڻايل سول جج عاصم حفيظ جي گهر واريءَ هٿان وحشياڻي تشدد جو شڪار رضوانه پوليس کي پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو.
پوليس ذريعن موجب، رضوانه پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته جج جي گهر واري روزانو مٿس تشدد ڪندي هئي، ڏنڊن، لوهي سيخن ۽ ٻين شين سان تشدد ڪيو ويندو هو.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته رضوانه چيو ته جج جي گهرواري ڪاوڙ ۾ اچي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪندي هئي، کيس وارن مان جهلي مٿو ڀت سان هنيو ويندو هو، کيس ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪمري ۾ بند ڪري بکيو رکيو ويندو هو.
پوليس ذريعن موجب، تشدد جو شڪار رضوانه ٻڌايو ته کيس والد ۽ امڙ سان ملڻ جي اجازت نه ملندي هئي، ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي ويندي هئي پر جج جي گهرواري گڏ هوندي هئي.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته رضوانه ٻڌايو ته جج جي گهرواري تشدد بابت والدين کي نه ٻڌائڻ لاءِ چوندي هئي ۽ ڌمڪيون به ڏيندي هئي، سندس زخمن جي مرهم پٽي به نه ڪرائي ويندي هئي.
پوليس ذريعن موجب، جج جي گهرواري اڃا تائين جي آءِ ٽي آڏو پيش ناهي ٿي.