تازه ترين

لاڙڪاڻو : قبو سعيد خان پئٽرول پمپ مالڪ جي بازيابيءَ لاءِ مظاهرا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قبي سعيد خان واسي پيٽرول پمپ جي مئنيجر لطف علي مگسي جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

لاڙڪاڻي ۾ پيٽرول پمپ جي مئنيجر لطف علي مگسي جي بازيابيءَ لاءِ وارثن طرفان الله ڏنو مگسي، سرفراز علي، خادم مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ايس پي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

قبي سعيد خان ۾ پيٽرول پمپ جي مئنيجر لطف علي مگسي جي بازيابيءَ لاءِ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن طرفان عبدالوحيد مگسي، حضور بخش ڪمبوهه ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مک بس اسٽينڊ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جمعي ڏينهن قبي سعيد خان کان لاڙڪاڻي ڪنهن ڪم سانگي آيل پيٽرول پمپ جو مئنيجر لطف علي مگسي اغوا ٿي ويو هو.

هنن چيو ته لطف علي مگسي جي ڪار حيدري ٿاڻي جي حد ذوالفقار باغ وٽان هٿ آئي هئي جڏهن ته پوليس اڃا تائين مغوي کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي.

سندن چوڻ هو ته چار ڏينهن گذرڻ باوجود لطف علي مگسي جي بازياب نه ٿيڻ سبب سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته لطف علي مگسي کي جلد بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.9 ° C
30.9 °
30.9 °
29 %
4.9kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون