تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

لاڙڪاڻو: ڳوٺ نائچ ۾ معمولي ڳالهه تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 4 ڄڻا قتل

- Advertisement -
لاڙڪاڻي ويجهو ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران 4 ڄڻا قتل ٿي ويا. ڳوٺ نائچ ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب 46 ورهين جو شمن جتوئي، سندس پٽ شوڪت، علي حسن ۽ علي اڪبر جتوئي مارجي ويا. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. مقتولن جي وارث عورت جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن تان اڄ جوابدارن نذير زنگيجو، شبير زنگيجو، شهمير، مجاهد، سجاد ۽ ٻين گوليون هڻي شمن، سندس پٽ شوڪت ۽ ٻن ڀائرن علي حسن ۽ علي اڪبر کي قتل ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ٻارن جي معمولي ڳالهه تان پيش آيو آهي. مارجي ويلن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون