تازه ترين

لاڙڪاڻي جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار پوليس اهلڪار کي 32 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
لاڙڪاڻي جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار پوليس اهلڪار کي 32 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو. فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج راشد علي دايو جي عدالت ۾ سال 2024ع ۾ پهرين جنوري تي وليد ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿي ويل نوجوان عديل ڪلهوڙو واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پوليس اهلڪار جوابدار مدثر مهيسر کي قتل ڪيس ۾ عمر قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏنو، جڏهن ته 13 ڊي واري ڪيس ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. ڪيس جي جاچ آفيسر اي ايس آءِ محمد عالم جماراڻي ٻڌايو ته گذريل سال پهرين جنوري تي وليد ٿاڻي جي حد وليد پاڙي ۾ 20 سالن جو نوجوان عديل ڪلهوڙو قتل ٿيو هو. سندس چوڻ هو ته اهڙو ڪيس مقتول نوجوان جي مامي فرمان ڪلهوڙو جي فرياد تي جوابدار مٿان داخل ڪيو ويو هو. جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته پوليس طرفان جوابدار کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ڪيل پسٽل هٿ ڪري سندس مٿان هڪ ٻيو ڪيس به داخل ڪيو ويو هو. جاچ آفيسر موجب اڄ لاڙڪاڻي جي ماڊل ڪورٽ جوابدار مدثر مهيسر کي قتل واري ڪيس ۾ عمرقيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ۽ پسٽل هٿ اچڻ جي ڪيس ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
22 %
2.1kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون