لاڙڪاڻي شهر جي اوٺا چوڪ جي رهواسين وڌندڙ بدامني ۽ بقاپور پوليس خلاف ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جڏھن تھ پوليس لاٺي چارج ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.
اوٺا چوڪ جي رهواسين عرفان سومري، ابرار انڙ، رحيم داد انڙ، عزيز الله انڙ ۽ ٻين اوٺا چوڪ تي ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙن چيو تھ بقاپور ٿاڻي جي حد اوٺا چوڪ ۽ ڀروارن علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، ھڪ مهيني دوران ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ سان گڏ 100 کان وڌيڪ چوري، ڦر ۽ ڌاڙن جون وارداتون ٿي چڪيون آهن.
احتجاج ڪندڙ علائقي واسين جو چوڻ ھو تھ پوليس ڏوهارين گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي.
ھنن وڌيڪ چيو تھ ھڪ ڏينھن اڳ سٽي ڪالوني جي مُک گيٽ وٽ پنجن هٿياربندن روڊ بلاڪ ڪري ماڻهن کي ڦر لٽ ڪئي.
احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو تھ ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان کي هٽائي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري شھرين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي . ايس ايڇ او بقاپور عبدالرزاق ٽڳڙ ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون، جڏھن تھ ڳالھيون ناڪام ٿيڻ بعد پوليس لاٺي چار ڪندي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.