تازه ترين

لاڙڪاڻي شهر جي رهواسي پورهيت سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل پيرسن ماءُ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور درگاهه پير مٺا واري علائقي جي رهواسي پورهيت سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل پيرسن ماءُ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ پورهيت سرفراز تنيو چيو ته هڪ سال اڳ سڱاوتي تڪرار تان ڀاڻيجي اڪبر ڪورائي سميت چئن جوابدارن پيرسن امڙ هدايت خاتون کي ڳلو ڪپي بيدرديءَ سان قتل ڪيو.

هن چيو ته واقعي جو ڪيس حيدري ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پر هڪ سال جو عرصو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار اڪبر ڪورائي ۽ ٻين کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، نوٽيس وٺي پيرسن امڙ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي .

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
12 %
0.6kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون